پلي حاجي محمد عالم وڏيرو

پلي حاجي محمد عالم، وڏيرو: حاجي محمد عالم پلي انگريزن جي دؤر جو اهم ماڻهو هو. حاجي محمد عالم همت وارو ۽ حوصلي مند انسان هو. انگريز سرڪار کيس بمبمئيءَ کان ڪراچي ايندڙ ٽپال جي جٿن جو نگران مقرر ڪيو هو. انهيءَ دو ۾ اها تمام اهم ڳالهه هئي ۽ ٽپال جي سنڀال لاءِ وڏي جرئت ۽ همت جي ضرورت هئي. انگريز سرڪار پاران حاجي محمد عالم جي سهوليت لاءِ عمرڪوٽ کان ڳموريءَ جي ڳوٺ وٽان، حاجي محمد عالم جي ڳوٺ ڏانهن خصوصي طور ٽپال جو رستو موڙيو ويو. هن رستي جا آثار ۽ اهڃاڻ اڃا به ڪن جاين تي موجود آهن. ريڻي نديءَ جي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ انگريز دؤر ۾ هڪ وڏو بچاءُ بند ٻڌايو ويو، جيڪو هن وقت به پٿوري ۽ اڪڙي شهرن جي ڏکڻ طرف ساماري شهر ڏانهن موجود آهي. هن بند جي تعمير جو انچارج به حاجي محدم عالم پلي هو. سندس انتظامي صلاحيتن سبب کيس ڪيترين ئي لونگين، تلوارن، ۽ سَنَدن سان نوازيو ويو.
1887ع ۾ عمرڪوٽ ۾ انگريز سرڪار جي ملهايل ’جوبلي‘ تقريب ۾ حاجي محمد عالم پليءَ کي خصوصي طور راڻي وڪٽوريه طرفان مدعو ڪيو ويو ۽ وائسراءِ جي معرفت راڻي وڪٽوريه جو خصوصي ’آفرين نامو‘ کيس پهچايو ويو. حاجي محمد عالم جو اڪيلو فرزند محمد صالح پنهنجي دؤر جو بئنچ مئجسٽريٽ هو. حاجي محمد عالم پلي سال 1908ع ۾ وفات ڪئي. سندن تربت ڊيٻي جي ڳوٺ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو